احمد علي مجذوب

احمد علي مجذوب: مولوي احمد علي مجذوب، ذات جو دَل، ٿر جو ويٺل هو. 18 فيبروري 1967ع تي ڄام شوري اسپتال ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. مولوي مجذوب مرحوم تعليم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ملڪي تحريڪن ۾ حصو ورتو. سندس قومي خدمتن جي شروعات خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪن سان ٿي. آخر ۾ خاڪسار تحريڪ سان وابسته رهيو. سڀني تحريڪن ۾ هڪ مخلص سپاهيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. مولوي مجذوب ۾ هڪ عجيب وغيره خصوصيت اها هئي، جو هن ٽنهي تحريڪن جي دور جون اخبارون، تقريرون، خطاب ۽ ٻيو علمي لٽريچر نهايت سليقي سان گڏ ڪيو. ان سلسلي ۾ وٽس مولانا آزاد جي ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“، مولانا محمد علي ”جوهر“ جي ”همدرد“ ۽ ”ڪامريڊ“، مهاتماگانڌيءَ جي ”هريجن“، ڊاڪٽر انصاريءَ جي ”انصاري“، جمعيت علماءِ هند جي ”الجمعية“ ۽ ” علامه مشرقيءَ جي ”الاصلاح“ اخبارن جا مڪمل فائل موجود رهيا. اهڙيءَ طرح ٽنهي ملڪي تحريڪن جو سارو لٽريچر پونين لاءِ ڇڏي ويو. آخري وقت ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي ۽ سندس اهو علمي ذخيرو ڪنهن حد تائين لٽجي ويو. ان جو ڏک کيس مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو.
مجذوب متعلق حيرت انگيز انڪشاف اهو آهي ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي نالي ۾ مشهور پيشنگوئي، اصل ۾ مولوي مجذوب جي ڪيل هئي، جنهن ۾ انگريزن جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ ۽ امام مهديءَ جي اميد پيدا ڪرڻ جو حوصلو ڏنل هو.


لفظ احمد علي مجذوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.02.18  عيسوي

احمد علي مجذوب : مولوي احمد علي مجذوب ، ذات جو دَل ، ٿر جو ويٺل هو . 18 فيبروري 1967ع تي ڄام شوري اسپتال ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب غلام رحيم
اياز لطيف پليجو
آغا شاهي
احمد علي خان جلباڻي
عبدالواحد آريسر
اختر علي جي قاضي
اسفند يار ولي
آغا بدرالدين دراني
آفتاب شاهه جيلاني
احمد علي مجذوب
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون